بيبي نوتڪاڻي ٻلين واري

بيبي نوتڪاڻي ٻِلين واري: بيبي نوتڪاڻي، خيرپور رياست جي ٽالپر حڪمران گهراڻي جي راڻي هئي. کيس ٻلين پالڻ جو تمام گهڻو شوق هوندو هو. 200 کن ٻليون ڌاريل هُيس. ٻلين کي سونا پنڙا، سونا والا ۽ سونا ڳهه پارائيندي هئي. خيرپور ۾ بيبي نوتڪاڻيءَ جون ٻليون مشهور آهن. روايت آهي ته جڏهن بيبي صاحبه گذاري وئي، ته ٻليون سندس لاش کڻڻ نه پيون ڏين. پوءِ ٻلين کي هڪ ڪمري ۾ گوشت اڇلي بند ڪيائون ۽ بيبيءَ جو لاش کنيو ويو. اهي ٻليون اڇيون ۽ وڏن بُجن واريون هيون، گهڻو ڪري اهي ڪابل مان آنديون ويون هيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو